اسلام آباد (م ڊ)  هڪ سينيئر دفاعي  ذريعن چيو آهي ته آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ طرفان رابطو ڪندڙ جو نالو ٻڌائي، جنهن هن کي رابطو ڪري مستقبل جي سيٽ اپ بابت مدد جي درخواست ڪئي، نجي خابرو اداري سان ڳالهائيندي دفاعي ذريعن افسوس جو اظهار ڪيو ته هر ڀيري غيرذميواراڻي انداز سان بيان ڏنا ويندا آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جا اشارا ڏنا ويندا آهن، جيڪي تمام بدقسمت ۽ غيرذميواراڻا آهن، اهم عهدي تي مقرر ذريعن چيو ته جيڪڏهن آصف زرداري سچو آهي ته هو ان شخص جو نالو ٻڌائي جنهن کائنس مدد گهري.