نيويارڪ (دلچسپ نيوز) دنيا جي مشهور  ميسجنگ پليٽ فارم واٽس ايپ هڪ فيچر اپ ڊيٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن  ۾ گروپ ايڊمنز گروپ تي اماڻيل ڪنهن به پيغام کي سڀني لاءِ ڊليٽ ڪري سگهندا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واٽس ايپ جي ڪنهن به گروپ ۾ ايڊمن جا اختيار رکڻ وارا صارفين پيغام کي 7 ڏينهن ۽ 8 منٽن اندر ڊليٽ ڪري سگهندا.هي فيچر گروپ ايڊمن کي وڌيڪ با اختيار بڻائڻ لاءِ ڏنو ويندو ۽ هن وقت تياري جي مرحلي ۾ آهي ان ڪري اهو  هن وقت بيٽا ٽيسٽرز کي فراهم نه ٿي سگهندو.