نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀولڙن 250 ڪتن کي اوچائي تان ڪرائي ماري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي هڪ ڳوٺ ۾ ڪتن ۽ ڀولڙن ۾ دشمني هراس پکيڙي ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته ڪتن ڪجهه ڀولڙن کي ماري ڇڏيو هو جنهن بعد ڀولڙن ننڍن ننڍن ڪتن کي ڳولي زخمي ڪرڻ بعد وڻن تي کڻي وڃي اوچائي تان ڪرائي ماريو.ڀولڙن جي حملن ۾ ننڍا ڪتا مارجڻ بعد وڏا ڪتا ڳوٺ خالي ڪري ويا آهن جڏهن ته ڀولڙا هاڻي ننڍڙن ٻارڙن تي حملا ڪري رهيا آهن جنهن سبب ماڻهن ۾ حراس پکڙجي ويو آهي.