واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو خان رستماڻي جي رهواسڻ شادي شده عورت سان مبينا لڄالٽ جي ڪوشش جو ڪيس ٻن ڀائرن ارشاد عرف خدو ۽ راشد سومرو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عورت جي پيءُ قربان رستماڻي جي فرياد تي واهي پانڌي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي جو چوڻَ آھي ته جلد جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو ويو وڃي. پوليس جو چوڻ آھي 20-04-2021 تي هي واقعو پيش آيو معاملي کي راڄوڻي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر معاملو نبري نه سگهيو، جنهن کان پوءِ اهڙي معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جلد جوابدار گرفتار ڪري فريادي سان انصاف ڪيو ويندو.