ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊي الهيار ۾ پورهيت جي ڀاتين جي تذليل ڪيس ۾ اهلڪار جو ڀاءُ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٽائيم نيوز ۽ پهنجي اخبار تي پوليس اهلڪار زاهد مئيو جو پورهيت جاويد مئيو جي گهر تي حملي جو ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهيار جي ايس ايس پي رخسار خاوڙ نوٽس ورتو جنهن تي ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پورهيت جاويد ۽ ان جي گهر وارن جا بيان وٺي ڪيس داخل ڪيو ويو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او رحيم گوپانگ جي نگراني ۾ پوليس اهلڪار زاهد مئيو سميت 6 ڄڻن مٿان شبانا ذال جاويد شاھ جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي جنهن بعد پوليس اهلڪار زاهد مئيو جي ڀاء طاهر مئيو کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لا۽ ڇاپا پڻ هنيا پيا وڃن.