هڪ ٻئي جو منهن نه ڏسڻ وارا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن: شيخ رشيد

0
189
وزيراعظم چورن کي شڪست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت لانگ مارچ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي، مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته بلاول اسلام آباد اچي رهيو آهي، ڪيترا ماڻهو ساڻس گڏ آهن، مخالف ڌر اڳي هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لاءِ تيار نه هئا، هاڻي سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، مخالف ڌر لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو ته ڪيئن ونڊ ورڇ ڪجي

هن چيو ته اسان کي پنهنجي اتحادين تي اعتماد ۽ فخر آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته جهانگير ترين صحتياب ٿئي، عمران خان مخالف ڌر تي سياسي سائبر حملو ڪندو

هن چيو ته اپوزيشن کي پنهنجي ئي تحريڪ جو نقصان ٿيندو، ڏڦيڙ جا خواب ڏسندڙن جون سياسي قبرون ٺهنديون، هنن جو لانگ مارچ نه لونگ مارچ آهي

شيخ رشيد چيو آهي ته شڪر آهي جو اپوزيشن چوي ٿي ڪابه ڪال ناهي آئي، ادارا ملڪي سلامتي سان ڳنڍيل هوندا آهن، اسان جي اتحادين کي ڇڏي پنهنجي کَٽ هيٺيان ٻهارو ڏيو، ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هڻندڙ ووٽ کي رُسوا ڪري رهيا آهن

هن چيو ته اڃا تائين ووٽ جو ريٽ طئه نه ڪري سگهيا آهن، اپوزيشن لاءِ ونڊ ورڇ ڏُکي ٿي وئي، اڃا فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته ڪاڏي وڃڻو آهي