اڳوڻي مس يوڪرين به ملڪ جي دفاع لاءِ هٿيار کڻي ورتا

0
254

ڪيف (شوبز نيوز) روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي معاملي تي اڳوڻي مس يوڪرين به ميدان ۾ اچي وئي. يوڪرين تي روس جي حملن ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ يوڪريني تخت گاهه ڪيف سميت مختلف شهرن ۾ ويڙهه جاري آهي. پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور ملڪ روس خلاف ملڪي بچاءَ ۾ يوڪريني عوام به ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي ۽ هاڻ اڳوڻي مس يوڪرين انستاسيا لينا به هٿيار کڻي ورتا آهن

2015 ۾ مس يوڪرين جو ايوارڊ کٽيندڙ سندري انستاسينا لينا انسٽاگرام تي تصويرون پوسٽ ڪيون آهن، جن ۾ هوءَ هٿيار کڻي ڪيف جي جنگ سان متاثر علائقي ۾ پوزيشن سنڀالي بيٺي آهي. اهو واضح ناهي ته هوءَ واقعي فوجي خدمتون انجام ڏئي رهي آهي يا وري هن عوام جو حوصلو وڌائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو آهي. واضح رهي ته يوڪريني صدر ملڪي دفاع لاءِ اڳوڻن فوجن توڙي عام ماڻهن کي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪري چڪو آهي.