ھمايون شريف (رپورٽ: امداد پهنور) همايون شريف ويجهو ڪچي ۾ مال ڦرڻ دوران ڀاڳين ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، 2 ڀاڳيا زخمي. خبر موجب جهان واهه ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ڳوٺ ڪاڪيپوٽا ۾ نامعلوم هٿيار بندن ڏينهن ڏٺي ڌنار کان مينھون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڌنار مزاحمت ڪئي، جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ ڀاڳين ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڦورو لياقت معرفاڻي مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڀاڳيا عنايت الله نائچ ۽ نثار ڪاڪيپوٽو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، هوڏانهن جھان واھ پوليس ۽ مولاداد پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي واقعي واري ھنڌ نه پھتي جنهن ڪري ڪيتري ئي دير تائين مارجي ويل ڦورو جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو. بعد ۾ 4 ڪلاڪن کانپوءِ پوليس مارجي ويل ڦورو جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته معرفاڻي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي. ھوڏانھن جھان واھ پوليس ٻڌايو ته ڦورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو لياقت معرفاڻي جي مارجڻ جي تصديق ٿي آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.