هلندڙ سال جو ٻيو چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندو

0
305
چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندو
هلندڙ سال جو ٻيو چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندو

هن سال جو ٻيو چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندو، هن ڀيري چنڊ گرهڻ جزوي هوندو

موسميات کاتي موجب جزوي چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏٺو ويندو، چنڊ گرهڻ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ جي ٻين حصن ۾ ڏٺو ويندو، ايشيا کان علاوه اتر ۽ اولهه آفريڪا ۾ به چنڊ گرهڻ ڏٺو ويندو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ گرهڻ پاڪستاني وقت موجب 11 لڳي 02 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ جزوي گرهڻ رات 12 لڳي 19 منٽن تي ٿيندو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جزوي چنڊ گرهڻ 3 لڳي 47 منٽن تي ختم ٿيندو ۽ پورو چنڊ 5 لڳي 4 منٽن تي ختم ٿيندو