ايران سان نئين نيوڪليئر معاھدي جا حامي آھيون: آمريڪي بچاءُ وارو وزير

0
416
ايران سان نئين نيوڪليئر

ڪراچي: امريڪا جي  بچاءَ  واري وزير جنرل لائڊ آسٽن خطي ۾ ايران جي ڪاررواين ۽ روين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي  چيو آهي ته امريڪي مفادن جو هر صورت ۾  تحفظ  ڪيو ويندو، واشنگٽن ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي امريڪا جي بچاءَ واري وزير جنرل لائڊ آسٽن چيو ته ايران طرفان خطي ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن

امريڪا جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته ايران  جن  مفادن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، ان تي اتحادين کي به ڳڻتي آهي، امريڪي پرڏيهي وزير  چيو  ته هو  ايندڙ هفتي بحرين ۽ يو اي اي جو دورو ڪري اتحادين سان خطي جي  سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو، جنرل لائڊ آسٽن جو چوڻ هو ته صدر جو بائيڊن جي ايران سان سفارتي ڪوششن  ۽ ايران سان نئين نيو ڪليئر معاهدي جا حامي آهيون