نيويارڪ(دلچسپ نيوز) جانورن جي ٻولي سمجهڻ جون ڪوششون ورهين کان جاري آهن ته جانور خاص ڪري پالتو جانور پنهنجو مخصوص آواز ڪڍي ڇا چوڻ يا سمجهائڻ چاهيندا آهن.هاڻ ماهرن هڪ اهڙي ايپليڪيشن تيار ڪئي آهي جنهن جي ذريعي ٻلين جي آواز جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو.هي ايپ ايمازون اليڪسا جي اڳوڻي انجنيئر تيار ڪئي آهي جنهن جو مقصد ٻلي جي ”ميائون“ جو ترجمو ڪرڻ آهي.برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ”ميائون ٽاڪ“ نالي هي ايپ آواز کي ريڪارڊ ڪندي آهي ۽ پوءِ ان جو مطلب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. رپورٽ موجب هن وقت ان ايپ کي لفظن واري ذخيري ۾ رڳو 13 جملا آهن جنهن ۾ ”مون کي کاڌو کارايو“، ”آئون ڪاوڙ ۾ آهيان“ ۽ ”مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو“ جهڙا جملا شامل آهن.هڪ تحقيق موجب انسانن جي ڀيٽ ۾ سموريون ٻليون ڳالهه ٻولهه لاءِ هڪ ئي جهڙي ٻولي استعمال ناهن ڪنديون.هر ٻلي جي ميائون منفرد ۽ پنهنجي مالڪ جي موجب هوندي آهي، جنهن مان ڪجهه ٻيون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳالهائينديون آهن.ان ڪري ٻلين جي آوازن لاءِ عام ڊيٽابيس جي بدران هر الڳ پروفائل سان گڏ ايپ جو ترجمو مختلف هوندو آهي.