ڪراچي(دلچسپ نيوز) ويوو وي 21 کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو پري آرڊر ۾ موجود آهي.وي 21 ۾ فرنٽ تي 44 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي جنهن ۾ او آءِ ايس به موجود آهي جيڪو فرنٽ ڪيمرائن ۾ ناهي هوندو.ان کان سواءِ ايڪسٽرا اسموٿ نس لاءِ اي آءِ ايس جو فيچر به ڪيمرا جو حصو آهي جڏهن ته 3 ايل اي ڊيز به فريم ۾ موجود آهن جيڪي اونداهي ۾ تصوير ڪڍڻ لاءِ مدد ڪنديون آهن.اهڙي طرح اي آءِ نائٽ پورٽريٽ موڊ سان گڏ آٽوفوڪس جهڙو فيچر به هن ڪيمرا جو حصو آهي جيڪو اڪثر فليگ شپ فونز ۾ ناهي هوندو.فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.هن سيٽ اپ ۾ مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي