هالا(رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) هالا پراڻا ۾ نينگري سان پيءُ ۽ ٻن چاچن تي هڪ سال کان تشدد ۽ زيادتي جو الزام سامهون آيو آهي، متاثر نينگري پاران مامي آڏو پيءُ ۽ چاچن تي زبردستي زيادتي جي شڪايت ڪرڻ تي مامو نينگري سان گڏ هالا پراڻا ٿاڻي تي پهچي ويو، سندس پيءُ ۽ ٻن چاچن خلاف تشدد ۽ زوري زنا جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن بعد جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ سروري محلا پنڊ ۾ پيء غلام قادر ملڪ جي نياڻي 12 ورهين جي ثنا ملڪ الزام هنيو آهي ته سندس پيءُ هڪ سال تائين ٻن وحشي چاچن رشيد ۽ بهادر ملڪ سان گڏجي تشدد ۽ زبردستي زيادتي ڪئي. متاثر نينگري ثنا ساڻس ملڻ لاءِ شهدادپور کان آيل مامي غلام رسول ملڪ ۽ هڪ مائٽ عورت جي موجودگي ۾ ساڻس زيادتي ڪندڙ پيء ۽ ٻن چاچن جي روئيندي شڪايت ڏني، جنهن بعد نينگري جو مامون پنهنجي ڀاڻيجي ثنا ملڪ کي ساڻ ڪري هالا ٿاڻي تي پهچي پنهنجي سالي غلام قادر سندس ٻن ڀائرن خلاف تشدد ۽ زيادتي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. هالا پراڻا پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪرڻ بعد نينگري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏيندي تعلقي اسپتال هالا اماڻي ڇڏيو. واقعي ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا پر گهربل ٽئي ڀائر گهرن کي تالا هڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.هوڏانهن ميڊيڪل لاءِ پنهنجي مامي ۽ مائٽن سان گڏ تعلقي اسپتال هالا ۾ موجود ثنا ملڪ ٽائيم نيوز ۽ روزانه پنهنجي اخبار کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سندس ماءُ جي وفات بعد سندس پيءُ غلام قادر ملڪ مٿس مارڪٽ ڪندي هڪ سال کان زيادتي ڪندو رهيو، اهڙي شڪايت ٻنهي چاچن سان ڪئي ته انهن پڻ گذريل ڇهن مهينن کان چاقو ۽ لوهي راڊ سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي، زبردستي ڪندا رهيا ۽ اڄ گهر ۾ انهن مان ڪير به موجود نه هجڻ تي شهدادپور مان آيل مامي کي روئيندي ساڻس ٿيل تشدد ۽ زيادتي جو ٻڌايو ۽ ٿاڻي تي پهچي پيءُ ۽ ٻن چاچن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي، متاثر نينگري چيف جسٽس، صدر، وزير اعظم، وزير اعلي، گورنر، آء جي سنڌ پوليس سميت ضلعي جي انتظاميا کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.