منهڙو(ن پ ا) منهڙو شهر ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ گلشير کوسو، گل حسن کوسو، مير حسن کوسو ۽ معشوق کوسو شامل آهن. هڪ زخمي گل حسن کوسو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو ويو جهيڙي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. جهيڙي واري هنڌ مختلف ٿاڻن جن ۾ ٻانڌي، دوڙ، پٻجو ۽ منهڙو پوليس جي وڏي نفري پهچي جهيڙو ٽاريو. پٻجو پوليس 4 ڄڻا پڻ گرفتار ڪري ورتا جن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا. جڏهن ته واقعي جو ڪيس پڻ داخل نه ٿي سگهيو.