هالا(ن پ ا) تعلقه اسپتال هالا پهتل زيادتي جو نشانو بڻيل نينگر ثنا ملڪ جي ميڊيڪل چيڪ ڪندڙ ڊيوٽي ڊاڪٽرياڻي غلام سڪينه ميمڻ ۽ طاهره ميمڻ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته متاثر نينگري ثنا سان ٿيل زيادتي واقعي کي چار ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن سبب کيس مڪمل ميڊيڪل رپورٽ لاءِ سول اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته نينگر سان بدفعلي ٿيڻ جا آثار موجود آهن، پر سندس حتمي ميڊيڪل رپورٽ هڪ هفتي اندر اچي ويندي. ٻئي پاسي تعلقي اسپتال هالا کان حيدرآباد ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ رفر ڪرڻ تي ثنا ملڪ ذيادتي ڪيس جي فريادي بڻيل ثنا جي مامي غلام رسول ملڪ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته هو ڪنهن به صورت ۾ معصوم نياڻي ثناء ملڪ سان زيادتي واري ڏوهه ۾ ملوث جوابدار کي معاف نه ڪندا، کين ڦاسي گهاٽ تائين پهچائي دم وٺندا. هن ٻڌايو ته ثنا جي ماء جي وفات بعد ساڻس گڏ سندس 17 ورهين جو وڏو ڀاءُ شهباز ۽ سندس ننڍي ڀيڻ 4 ورهين جي صنم پڻ گڏ رهندا هئا، هن ٻڌايو ته وڏو ڀاءُ موالي آهي، جنهن سبب سندس گهر اچڻ نه اچڻ برابر هوندو هو. جنهن جو فائدو وٺندي سندس سالو پنهنجن ٻن ڀائرن سان گڏ معصوم نياڻي کي ڌمڪائي سندس عزت سان راند ڪندا رهيا. هن چيو ته هالا پراڻا سميت ضلعي پوليس معصوم نياڻي سان زيادتي واري ڪيس ۾ ڄاڻايل ٽنهي جوابدارن کي 48 ڪلاڪن ۾ گرفتار نه ڪيو ته هو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪندا.