حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ تي قائم برج المهراڻ جي هيٺان هوٽل قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ گئس سئلينڊر به رکيا ويا آهن. رهائشي پلازه جي هيٺان هوٽل قائم ٿيڻ ۽ ان ۾ 8 کان وڌيڪ گئس سئلينڊر رکڻ جي ڪري رهواسي خوف ۽ حراس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. رهواسين کي خدشو آهي ته اهي گئس سئلينڊر ڪنهن به وقت ليڪ ٿي ڌماڪو ڪري سگهن ٿا جنهن جي ڪري پورو پلازه تباهه ٿيڻ جو خدشو هوندو ۽ هزارين انساني جانيون موت جي ورچڙهي سگهن ٿيون. برج المهراڻ 8 منزلن تي مشتمل پلازه آهي جنهن جي ميز نائن فلور تي مختلف وڪيلن، ٽريول ايجنسين ۽ ٻين ادارن جون آفيسون به قائم ٿيل آهن. پلازه جي رهواسين هوٽل جي قيام تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هوٽل بند ڪرڻ ۽ اتان سئلينڊر هٽائڻ لاءِ درخواستون به ڏنيون آهن پر اڃا تائين نه ته هوٽل بند ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري گئس سئلينڊر هٽايا ويا آهن. رهواسين موجب پلازه جي فليٽس ۾ فيميلز رهن ٿيون ۽ هوٽل جي قيام سبب فيميلز کي اچ وڃ ۾ به تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته ان هوٽل کي بند ڪرائي اتان گئس سئلينڊر هٽايا وڃن ته جيئن رهواسين جي زندگي کي درپيش خطرو ٽري سگهي.