مٽياري (رپورٽر) هالا جو مخدو فضل حسين ۽ ٻيا ضمانت باوجود آزاد نه ٿي سگھيا. ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن جو مارک واهه تان پئدا ٿيل تڪرار واري ڪيس جي ٻڌني ٿي. پي ٽي آئي اڳواڻن مٿان ھالا ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ هالا جي عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت سڳوري ڪيس ۾ نامزد ٿيل پي ٽي آئي اڳواڻن مخدوم فضل حسين ،مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار حيدر سميت ٻين جوابدارن جي ضمان واري درخواست منظور ڪري ورتي هئي، پر ساڳئين ماڻهن مٿان نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ ضمانت نه ٿي سگهي جنهن ڪارڻ کين جيل مان آزاد نه ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته اڄ نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ضمانت جي ٻڌڻي سول جج نيوسعيدآباد جي عدالت ۾ ٿيندي.