ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار مان گم ٿيل نوجوان پراسرار نموني قتل ٿي ويو آهي، جنهن جو ڪمند جي فصل مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. ان ڏس  ۾  ڪجھ ڏينهن اڳ ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڪمند جي فصل مان نوجوان عارف ڪشميري جو گوليون لڳلل لاش هٿ آيو.  نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي پئي وڃي. سي آءِ اي پوليس دعوا ڪئي آهي ته نوجوان عارف ڪشميري کي گوليون هڻي ڪمند جي فصل ۾ لڪائي ويندڙ جوابدار راحب ساند کي قتل ۾ استعمال ٿيندڙ پستول سميت گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته جوابدار راحب ساند مقتول جو پگهاردار هو، پوليس موجب پگهار ايڊوانس نه ڏيڻ جي ڪري جوابدار نوجوان کي پستل جا فائر ڪري قتل ڪيو.