نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي نواب شاھه شھريار گل ميمڻ شهر جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪري صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو، جڏهن ته فائر برگيڊ ۽ ميونسپل ڪاميٽي آفيس جي دوري دوران ملازمن جي حاضري چيڪ ڪئي، جنھن دوران ڊيوٽي تان غير حاضر ھئڻ تي چيف سينيٽري انسپيڪٽر سميع ،جونئير ڪلارڪ غيور شاهه۽ فائير برگيڊ انچارج ھشام کي معطل ۽  سينيٽري انسپيڪٽر يوسي ٽو رياض مسيع کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، ان موقعي تي ڊي سي  شھريار گل ميمڻ چيو ته شھر ۾ صفائي جي صورتحال خراب آھي جنھن کي فوري طورتي بهتربڻايو وڃي. جڏھن ته سمورا ملازم ۽ آفيسر ڊيوٽي جي پابندي کي يقيني بڻائين