ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي محرابپور لنڪ روڊ بھلاڻي پل تي نامعلوم ھٿياربندن پاران موٽرسائيڪل ڦر دوران موٽرسائيڪل نه بيھارڻ تان فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ گل بھار انڙ ۽ شاھنواز انڙ زخمي ٿي پيا. جن کي وارث ھالاڻي اسپتال کڻائي آيا. ھالاڻي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري وارثن ھالاڻي سرڪاري اسپتال جي عملي خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن صحت جي وزير کان مطالبو ڪيو ته ھالاڻي ۾ ڊاڪٽرن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي. جڏھن ته ٻئي طرف زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو.