روهڙي(ن پ ا) روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڪوئيٽا کان پنجاب ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي ڪسٽم ڪليڪٽر عرفان منگي، ارشد علي قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪسٽم پوليس ڇاپو هڻي لکين رپين جو سامان ايراني چپل، ايراني چاڪليٽ، ايراني صابڻ ۽ ٻيو قيمتي سامان ھٿ ڪري صرف سو ڪارٽون ظاهر ڪيا بقايا سامان غائب ڪري ڇڏيو ريلوي ذريعن موجب ٻه سو کان وڌيڪ ڪارٽون ٽرين مان ھٿ آيا ھئا جيڪي ڪسٽم عملي غائب ڪري ڇڏيا، ٻئي پاسي ڪسٽم عملي موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 47 ڪارٽون صابڻ 47 ڪارٽون ايراني چپل ۽ 10 ڪارٽون چاڪليٽ جا ھٿ ڪري ورتا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.