اٽريچٽ(اسپورٽس نيوز) نيڌرلينڊز جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ آئرلينڊ کي اپسيٽ شڪست ڏئي ڇڏي. ٽم وين ڊي گگٽن مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيڌرلينڊز جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو. نيڌرلينڊ جي ٽيم 50 اوورن ۾ 195 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، اسٽيفن ماءِ برگ 20، ميڪس او ڊوڊ 23، بين ڪوپر 6، بيس ڊي ليڊي 21، پيٽر سيلار بنا رنس، اسڪاٽ ايڊورڊس هڪ، ثاقب ذوالفقار 23، لوگان وين بيڪ 29، ٽم وين ڊر گگٽن 49، فريڊ ڪلاسن 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. آئرلينڊ جي ڪريگ ينگ ۽ جوش لٽل 3-3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 194 رنسون ٺاهي سگهي.