دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته سمجهي ناهيان سگهيو ته ٽيم مان ٻاهر ڇو ڪڍيو ويو، سليڪٽرز کي عمر کان وڌيڪ فارم ۽ فٽنيس کي ڏسڻ گهرجي، هڪ انٽرويو ۾ هو چيو ته هي معاملو وڌيڪ نه ٿو وڌائڻ گهران، عمر ڪيتري به هجي رانديگر معيار تي پورو لهي ٿو فارم ۽ فٽنس سان سينئر رانديگر طور به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته مينيجمينٽ ۽ ساٿي رانديگر عزت ڪن ٿا ته ان کان بهتر ڪا ڳالهه نه آهي، محمد حفيظ 40 سالن جي عمر ۾ به سٺو کيڏي رهيو آهي نون رانديگرن کي کيڏڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي ضرورت تحت ڪنهن به پوزيشن تي بيٽنگ ڪري سگهان ٿو، هر بيٽسمين کي سندس نمبر تي کيڏايو وڃي ته بهتر آهي. پي ايس ايل 6 جو مڪمل ٿيڻ ضروري آهي.