نيويارڪ(دلچسپ نيوز) گوشت ڪمپني تي سائبر حملي بعد فراهمي روڪي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دنيا جي سڀ کان وڏي گوشت ڪمپني تي سائبر حملو ڪيو ويو، سائبر حملو آسٽريليا ۽ اوڀر آمريڪا ۾ موجود يونٽس تي ڪيوويو هو، حملي بعد ملازمن کي ڪم کان روڪيو ويو جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ گوشت جي فراهمي پڻ بند ٿي وئي. عالمي ڪمپني گوشت پروسيسنگ جي صنعت ريگيوليٽري معيار برقرار رکڻ ۽ جانورن کان باخبر رهڻ لاءِ ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر سسٽم تي دارومدار رکي ٿي.