مقصودو رند(رپورث بهادر رند) مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند پاران جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڇھين ميچ ۾ سھجو رند اليون ۽ محبت رند اليون جون ٽيمون آمھون سامھون ٿيون. محبت رند اليون ٽاس کٽي پھريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سھجو رند اليون مقرر 15 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهيون. حاجي حسن علي شاندار بيٽنگ ڪندي 50 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ محبت رند اليون يعقوب جي شاندار تيز ترين (18) بالن تي 52 رنسن جي مدد سان 118 جو ٽارگيٽ آساني سان 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان حاصل ڪري ورتو
۽ 8 وڪيٽن تان محبت رند اليون ڪاميابي حاصل ڪئي. يعقوب رند کي آيل معزز مھمان زوار غلام علي رند مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو.