نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيد آباد شھر ۾ ڦرن ۽ چورين جي وارداتن ۾ ضابطو نه آيو آھي، ٻن ڏينھن اندر چوٿين واردات ٿي آهي. ان ڏس ۾ وارڊ 5 مان ذوھيب پٽ حسين ڪيريو جي گھر ٻاھران بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا شھر ۾ وڌندڙ وارداتن سبب شھرين ۾ خوف وھراس ڦھلجي ويو آھي.