دوحا ( اسپورٽس نيوز ) قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ ۾ برازيل ۽ سوئيٽرز لينڊ وچ ميچ ۾ برازيلي ڪپتان نيمار جونيئر جي همشڪل مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. ميچ کان اڳ سوشل ميڊيا تي برازيلين اسٽار جي وڊيو فوٽيج سامهون آيا جنهن ۾ سندس ڀرپاسي مداحن جي رش آهي جڏهن ته ماڻهو سيلفي وٺڻ جي ڪوش ڪري رهيا آهن، پر اهو برازيلي ڪپتان نيمار نه پر سندس همشڪل ٽيهه سالا ڊوپل گينگر هو. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن مزاحيه انداز ۾ ردعمل ڏنو ڪجهه ماڻهن چيو ته جيڪڏهن واقعي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هي نيمار آهي ته پوءِ قطر عالمي ڪپ کٽي رهيو آهي.