اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي مان ۾ رات جي ماني جي دعوت ڪئي. ان موقعي تي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير انگلينڊ جي ڪرڪيت ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 17 سالن بعد تاريخي ٽيسٽ سيريز لاءِ پوري قوم پرجوش آهي،