پوچسٽروم ( اسپورٽس نيوز) نيشنز ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ ميزبان ڏکڻ آفريڪا پاڪستان جي هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. قومي ٽيم کي ٻن جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان شڪست ملي. ڏکڻ آفريڪا جي شهر پوچسٽروم ۾ ايف آءِ اي ايڇ مينز نيشنز ڪپ جي شروعات ٿي وئي، پاڪستان ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ ميزبان ٽيم شروع کان دٻاءُ برقرار رکيو ۽ وقفي وقفي سان گول پڻ اسڪور ڪندي رهي. ڏکڻ آفريڪا پاڪستان خلاف ٻه جي مقابلي ۾ ڇهن گولن تنا ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان طرفان رومان ۽ ارشد لياقت گول ڪيا. پاڪستان جو ايونٽ ۾ پنهنجي ٻي ميچ ڪالهه آئرلينڊ خلاف مقابلو ٿيڻو هو جڏهن ته قومي هاڪي ٽيم پهرين ڊسمبر تي فرانس سان مهاڏو اٽڪائيندي.