دوحا (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ رونالڊو جي ٽيم پرتگال اڳئين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، اهم ميچ ۾ پرتگال جي ٽيم يوروگوءِ کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ايڇ جي ميچ ۾ پرتگال يوراگاءِ کي ٻه ٻڙي تان شڪست ڏئي ڇڏي. پرتگال طرفان ٻئي گول برونو فرنانڊس اسڪور ڪيا، لاڳيتو ٻي ميچ ڪاميابي حاصل ڪري پرتگال پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي. عالمي ڪپ ۾ پرتگال جي ٽيم لاسٽ سڪسٽين پهچڻ واري ٽئين ٽيم آهي، ان کان اڳ برازيل ۽ فرانس جون ٽيمون پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهتيون هيون.  ٻي ميچ ۾ نيدر لينڊ جي ٽيم ميزبان قطر کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ڇڏي. جڏهن ته سينيگال جي ٽيم ايڪواڊور جي ٽيم کي شڪست ڏني. ميچ ۾ سينيگال جي رانديگرن ٻه گول ڪيا جڏهن ايڪواڊور جي ٽيم صرف هڪ گول ڪري ڇڏي.  ياد رهي ته هن فٽبال ورلڊڪپ لاءِ برازيل جي ٽيم فيوريٽ قرارڏنل آهي. برازيل لاڳيتو ڇهين ورلڊ ڪپ ۾ فيورٽ قرار ڏنل آهي. ان کان اڳ برازيلين ٽيم ڪافي ڀيرا ورلڊڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪري چڪي آهي.