نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهروفيروز ڀرسان ۾ ڳوٺ ويسر موري ۾ ٻن ڌرين ۾ قبرستان جي معاملي تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ صديق چانڊيو مارجي ويو آهي، جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ مرتضيٰ چانڊيو جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڀاءُ کي بيگناھ قتل ڪيو، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ اهي به چوٻول آهن ته پاڻي جي واري تان جهيڙي دوران واقعو پيش آيو آهي،واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو آهي.