اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي جوڊيشل ميجسٽريٽ محمد شعيب اختر نور مقدم قتل ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر جي جسماني رمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس ٻيهر 2 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه جوابدار کي پوليس سخت پهري هيٺ پيش ڪيو، ٻڌڻي جي شروعات ۾ ئي نور مقدم جي والد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 40 ڪلاڪن جي فوٽيج سامهون اچڻ کان پوءِ گهڻيون نيون شيون ۽ ڪردار سامهون آيا آهن، جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان سموري رڪوري ٿي چڪي آهي، ان جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏيڻ ناانصافي هوندو، جنهن کان پوءِ ميجسٽريٽ پوليس پاران جسماني رمانڊ واري استدعا منظور ڪندي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن واقعي بابت اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته نور مقدم 20 جولاءِ واري ڏينهن صبح 11 وڳي کان شام 7 وڳي تائين قيد ۾ رهي، صبح جو 6 لڳي 35 منٽن کان شام 6 لڳي 42 منٽن تائين جوابدار ظاهر شاهه پنهنجي والد کي 3 ڀيرا فون ڪيو، شام 6 لڳي 35 منٽن ۽ 7 لڳي 9 منٽن تي دوست کي فون ڪيو، ظاهر 7 لڳي 9 منٽن کان 29 منٽن تائين ڪنهن کي ڪال نه ڪئي، جنهن بعد پنهنجي والد سان 46 سيڪنڊ ڳالهايو، پوليس شڪ ڏيکاريو آهي ته ظاهر نورمقدم جو قتل شام 7 کان ساڍا 7 لڳي جي وچ تي ڪيو آهي، ساڍي ستين وڳي ظاهر پنهنجي والد کي فون ڪري چيو ته آئون مشڪل ۾ آهيان منهنجي مدد ڪريو فوري طور منهنجي گهر پهچو. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم کي عيد رات قتل ڪيو ويو هو. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وس پڄي ته نور مقدم جي قاتل کي گولي هڻي ڇڏيان، جوابدارن کي ڪنهن صورت ۾ نه ڇڏينداسين، هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءُ جن ٽيڪسين ۾ سفر ڪيو ان جي ڊرائيورن کي ڇڏي ڏنو آهي اهي سڀ بيگناهه آهن جيڪي 6 ڄڻا هئا. هن چيو ته اسلام آباد حساس شهر آهي خطرا آهن، پر موت الله جي هٿ ۾ آهي، لال حويلي ويجهو فائرنگ کان گهٻرائڻ وارو ناهيان، مون تي به حملا ٿيا آهن.