گڊو (رپورٽ: ايم علي ڪلوڙ) گڊو ويجھو انڊس ھاءِ وي تي ڄاڄين سان ڀريل مسافر وين جو گيس سيلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، گاڏي کي باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙا ۽ هڪ عورت سڙي فوت، 10 ڄڻا زخمي، واقعي سبب شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل. خبر موجب روجھاڻ مزاري واسي ھڪ ئي خاندان جي ڄاڄين سان ڀريل وين جو شمن آباد ٽول پلازه وٽ ڌماڪي سان گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي کي باهه لڳي وئي، موقعي تي موجود ماڻھن مڙسي ڪري ڪجھه ماڻهن کي وين مان ڪڍي ورتو، جڏهن ته باهه سبب 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سڙي فوت ٿيلن ۾ 35 ورھين جي فرزانه، 4 ورھين جو نويد احمد، 2 ورھين جي بشرا، 3 ورھين جي جويريا، 5 ورھين جي ساجده شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 5 ورھين جو شير محمد، 6 ورھين جو ذيشان، 8 ورھين جي عائشا، 42 ورھين جي جميلا، 5 ورھين جي سدره ۽ ٻيا شامل آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال روجھاڻ مزاري پھچايو ويو، ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فرسٽ ايڊ ڏئڻ بعد ملتان ريفر ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿيل ۽ زخمين جو تعلق ھڪ ئي خاندان سان آھي، جيڪي روجھاڻ شھر وارڊ نمبر 7 کان راجن پور شادي لاءِ وڃي رهيا هئا، ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر وين ۾ ايل پي جي گيس سيلينڊر لڳل ھئا جيڪي ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو. واقعي جو وزير اعليٰ پنجاب عثمان بوزدار نوٽيس وٺي آر پي او ڊي جي خان ۽ ڊي سي راجنپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.