سکر (بيورو رپورٽ) نيب سکر جي ٽيم قاضي احمد ۾ ڪارروائي ڪري نواب شاھ پوليس جي ھيڊ ڪانسٽيبل احسان لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار احسان لاشاريءَ مٿان نوابشاهه پوليس آفيس جي اڪائونٽ آفيسر مشتاق ميمڻ جي مبينا طور ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ذريعي گڏ ڪيل ملڪيت احسان لاشاري جي نالي تي آهي، جاچ بعد ڪرپشن ۾ ملوث جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، نيب طرفان گرفتار ھيڊ ڪانسٽيبل کي رمانڊ لاءِ احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪري عدالت کي پڇا ڳاڇا لاءِ جوابدار جو رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڏني، عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست منظور ڪندي ڪرپشن الزام ھيٺ گرفتار ھيڊڪانسٽيبل احسان لاشاريءَ کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آھي. عدالت نيب کي ھدايت ڪئي آھي ته ڄاڻايل جوابدار کي ايندڙ ٻڌڻي 13 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.