نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد جي صنعتي علائقي جي ڄام تماچي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند بينڪ ۾ رقم جمح ڪرائڻ لاءِ ويندڙ دڪاندار اسد سھتو کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري تشدد ڪرڻ کانپوءِ 2 لک رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا . نوري آباد جي صنعتي علائقي ۾ ڏوھي ڪارروائين ۾ اضافو ٿي ويو آھي جنھن ڪري پورھيت ۽ واپاري طبقو سخت پريشان آھي ۽ پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.