مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول مائنز ۾ ڪوئلي کاڻ اندر کوٽائي جو ڪم ڪندڙ 3 پورھيت ڇپ ڪرڻ سبب دٻجي ويا، 2 پورھيتن جا مڙھ ڪڍيا ويا، ھڪ پورھيت نڪري نه سگھيو.  لاکڙا ڪول مائنز جي مومل ڪول ڪمپني جي کاڻ نمبر 32 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڇپ ڪرڻ سبب ٽي پورهيت دٻجي ويا، ڪمپني انتظاميا پاران سھولتون نه ملڻ ڪري پورهيتن  حادثي واري ھنڌ پھچي پنھنجي مدد پاڻ تحت کاڻ مان دٻجي ويل پورھيتن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا، ستن ڪلاڪن بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر کاڻ ڊھي پئي، جنھن ڪري ريسڪيو آپريشن سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو، پورهيتن جي ڪوششن سان 11 ڪلاڪن بعد هڪ پورهيت پيرسعيد پٺاڻ جو لاش کاڻ مان ڪڍي ورتو، بعد ۾ ٻن پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ ٻيهر ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو، 20 ڪلاڪن بعد ٻي پورهيت سوات واسي رحماني گل پٺاڻ جو لاش به کاڻ مان ڪڍيو ويو،  ريسڪيو ٽيمن موجب ڊٻجي ويل ٽيون پورهيت انور زمين خان کاڻ ۾ اندر ئي فوت ٿي ويو آهي، سندس لاش هٿ نه اچي سگهيو، ذريعن موجب ڪول ڪمپني انتظاميا پاران ليزون ٺيڪيدارن حوالي ڪرڻ بعد ڪول مائنز کاتي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ڪم ھلائڻ سبب حادثا ٿي رهيا آهن.

مومل ڪول ڪمپني جي انچارج واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو

مانجھند: مومل ڪول ڪمپني انچارچ ساجن راڄڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حادثو اتفاقي آهي، هن وڌيڪ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

حادثي واري وقت ڪمپني جو مين ماڻهو موڪل تي ويل هيو: سالم سميجو

مانجھند: ڪمپني جي انچارج جي ويجھي ساٿي سالم سميجو جو چوڻ هو ته حادثي وقت کاڻ جو مين سردار موڪل تي ويل ھيو، جڏهن ته هن  انجنيئر جو حوالو ڏئي فون بند ڪري ڇڏي.