ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر ۽ لاڙڪاڻو بورڊ جي انتظام هيٺ مئٽرڪ جا امتحان جاري، پيپر وقت کان اڳ آئوٽ، 268 شاگردن کي ڪاپي ڪيس، 124 جعلي اميدوار سوگها، تلاشي دوران 30 کان وڌيڪ موبائل فون هٿ، خبر موجب سکر تعليمي بورڊ جي انتظامن هيٺ مئٽرڪ جا امتحان جاري آهن، سکر ۾ ڪالهه ڏهين جماعت جو ڪيميسٽري وارو پيپر ورتو ويو، پيپر نائين وڳي شروع ٿيڻو هيو پر سوشل ميڊيا تي اهو پوڻين نائين وڳي وائرل ٿي ويو، بورڊ جي ٽيمن توڙي اسسٽنٽ ڪمشنر صوبيا فلڪ رائو شاگردن ۽ شاگردياڻين کان 30 کان وڌيڪ موبائيل فون تلاشي دوران هٿ ڪيا، ڏهين جماعت جي ڪيمسٽري واري پيپر ۾ سکر ڊويزن ۾ مجموعي طور تي 86 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، گهوٽڪي مان 20، خيرپور مان 60 ۽ سکر مان 06 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جي جاري امتحان ۾ پيپر اميدوارن جي هٿن ۾ اچڻ شرط واٽس ايپ ذريعي آئوٽ ٿي ويو، اميدوار سرعام انوجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ گائيڊن ۽ موبائل فونز ذريعي پرچو حل ڪندا رهيا، لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه جي مختلف امتحاني سينٽرن ۾ 96 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري 124 جعلي اميدوارن کي سوگهو ڪري امتحاني سينٽرن مان ٻاهر ڪڍيو ويو، گهوٽڪي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر سيد محمد علي ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو روزانو جي بنيادن تي پنهنجي پنهنجي تعلقي جي امتحاني مرڪزن جو دورو ڪري ڪاپي خلاف جوڳا قدم کڻن ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليم لاءِ ناسور کان گهٽ ناهي، نوجوانن کي مستقبل ۾ احساس ٿيندو ته هنن ڪاپي سبب پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪيو.