اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي فيصلي جي روشني ۾ کوٽ نه هجڻ باوجود پرڏيھه مان ڪڻڪ گهرائڻ واري مامري جي جاچ لاءِ ڪابينا سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، وزيراعظم ڪڻڪ ذخيرو موجود هئڻ باوجود 6 لک 91 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو نوٽيس ورتو هو، وزير اعظم ڪڻڪ جي درآمد جاري رکڻ ۽ ايل سيز کولڻ جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ چئن ڏينهن اندر جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.