ترائي (ن پ ا) ترائي پوليس بدين- ڪراچي روڊ ڀرسان امام واھ موريءَ وٽ درگاهه احمد راڄو تان چئن پاڏن جي چوريءَ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، 2 چور گرفتار، ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪندي ٻن ڄڻن ابوبڪر جت ۽ اڪرم جت کي گرفتار ڪري چورايل پاڏن ۽ شھزور گاڏي سميت پڪڙي ترائي ٿاڻي تي کڻي آئي. رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جو پيڇو ڪري ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي جوابدار فرار ٿي ويا. ترائي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي بدين عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ٻني جوابدارن ابوبڪر جت ۽ اڪرم جت کي جيل موڪلي ڇڏيو.