نوان چهرا – مضبوط اميدوار

0
73
نوان چهرا - مضبوط اميدوار

   قمبر ميونسپل جي وارڊ نمبر 11 جي اليڪشن ۾ ھن ڀيري جيترو سخت مقابلي جو امڪان آهي، شايد ئي قمبر جي ٻئي ڪنھن وارڊ تي ايترو سخت مقابلو ٿئي. ھن ڀيري ھن وارڊ تي حيرت انگيز طور ۽ بلڪل غير متوقع طور 2 نوان چھرا آمھون سامھون اچي ويا آهن، ٻئي پھريون ڀيرو اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن پر ايترو چوندس ته انهن ٻنهي جي سامھون ڪو پراڻو تجربيڪار چھرو به مقابلي ۾ ايندو ته ٻنهي کان وڏي ليڊ تي ھارائيندو. ٻئي مضبوط اميدوار آهن. ھڪ اميدوار عبدالرحيم منگي آهي، جنھن کي پيپلز پارٽيءَ ٽڪيٽ ڏني آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار آھي اخلاق شاھ بخاري. ٻئي مون کي تمام گهڻا پيارا آهن. رات کان سوچيان پيو ته ٻنهي مان ڪنھن کي ووٽ ڏيان؟ پر صبح جي چانھن پيئڻ کان پوءِ ياد آيو ته منھنجو ووٽ ان وارڊ ۾ ناھي. شڪر آهي. (نثار ٻرڙو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)