نواز ليگ جي سينيئر قيادت جو عليم خان سان رابطو

0
372

نواز ليگ جي سينيئر

ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر قيادت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر عليم خان سان رابطو ڪيو آهي

ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان 30 ڏينهن ۾ صوبائي اسيمبلي جي 40 کان وڌيڪ ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ 10 صوبائي وزير به شامل آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته عليم خان سان ملاقات ڪندڙ سمورن ميمبرن جا نالا سياسي منظرنامو واضح ٿيڻ تائين راز ۾ رکيا ويندا

ذريعن جو چوڻ آهي ته عليم خان اڄ ترين گروپ سان ملاقات لاءِ جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي به ويندو، عليم خان ۽ جهانگير ترين اڄ کان گڏيل سياسي حڪمت عملي اختيار ڪندا

ذريعن موجب عليم خان ۽ جهانگير ترين پي ٽي آءِ جي سمورن گروپن کي گڏ آڻيندا ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪندا