ليه (م ڊ) ليه ۾ ايم ايم روڊ گولا اڊا ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ايم  ايم روڊ گوله اڊا ويجهو مسافر وين تيز رفتار ڪار سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهتيون. جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي چوڪ اعظم اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اسپتال ۾ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. جڏهن ته لاشن کي ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي ۾ ٽن ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. زخمين کي تعلقه ۽ ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،
پوليس موجب ڪيري وين ۾ سوار خاندان شادي ۾ شرڪت کانپوءِ مظفر ڳڙهه کان فتح پور جي چڪ نمبر 217 ٽي ڊي اي پنهنجي گهر واپس اچي رهيو هو ته گولا اڊا ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو، فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون، 3 ٻار ۽ ڊرائيور شامل آهي.