قاضي احمد ( ن پ ا)  قاضي احمد لڳ نواب ولي محمد ۾ 20 ڏينهن اڳ پرڻو ڪندڙ 18 سالن جي نوجوان عورت  مسمات بچل رند فوت ٿي وئي. فوتڻ جي والد  جمال شاھ واسي دوست علي رند ناٺي سانوڻ رند  مٿان قتل جو شڪ ظاهر ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته منهنجي ڌي جي شادي 20 ڏينهن اڳ ٿي آھي  ساھرا کيس مون سان ملڻ نه ڇڏيندا هئا  نه وري کيس مائٽن سان ملڻ ڇڏيندا هئا شڪ آھي ته کيس قتل ڪيو ويو آھي. ھوڏانهن پوليس موجب عورت جي مڙس سانوڻ رند ۽ سُھري هارون رند جو چوڻ آھي ته عورت کي گيسٽرو ٿيو هو جنهن سبب سندس جو موت واقع ٿيو آھي. ٻئي پاسي نواب ولي محمد پوليس عورت جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء  لاش  پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو. ٻئي پاسي پوليس  فوتي عورت جي مڙس سانوڻ رند ۽ سهري هارون رند کي شڪ جي بنياد تي  گرفتار ڪري ورتو آهي.