ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي شهر جي مين پرائمري گرلس اسڪول جا ڇاپڙ ۽ لينٽر ڪري پيو، جنهن دوران شاگردياڻين معجراڻي طور محفوظ رهيون، اطلاع تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر فيميل پهچي اسڪول جو جائزو وٺي شاگردياڻين کي موڪل ڏئي ڇڏي، اسڪول جي اسٽاف، والدين علي محمد، شڪيل، ابراهيم، حسن ۽ ٻين ٻڌايو ته گرلس اسڪول جي 20 سالن کان مرمت نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري عمارت زبون بڻيل آهي، هنن چيو ته بلڊنگ ۾ ڏار هجڻ سبب هر وقت ساهه مٺ ۾ رهي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت نئين ٺهرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،