نوابشاهه/نواب ولي محمد/قاضي احمد (رپورٽ: اياز ڏاهري+ الھه رکيو سيال+مختيار چانڊيو) نواب ولي محمد ڀرسان زمين جَي خوني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس آفيسر سوڌو 6 ڄڻا مارجي ويا، مقتولن ۾ ڀنڊ ڌُر جا 5 ڄڻا ۽ شهيد چوڪي انچارج  عبدالحميد کوسو شامل، ان ڏس ۾  مرزاپور پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي جي  ديھه ڀنڀائي ۾800 ايڪڙ زمين جي ملڪي تان زرداري ۽ ڀنڊ برادري ۾ ھلندڙ تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو، سرنھن جي پوکيل فصل جي ڪٽائي تان ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ھٿيار بندن ھٿيارين جا منهن کولي ڇڏيا،  فائرنگ جي نتيجي  ۾ ڀنڊ برادري سان تعلق رکندڙ 5 ڄڻا اڪمل ڀنڊ، معشوق ڀنڊ، صابن  ڀنڊ، ٽوھ عرف شير محمد ڀنڊ ۽ اياز ڀنڊ قتل ٿي ويا، جڏهن ته  گوليون لڳڻ سبب مرزاپور پوليس  ٿاڻي جو سب اسپيڪٽر عبدالحميد کوسو  شهيد ٿي ويو،   جڏھن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾  آمين ڀنڊ،  ديدار سنگراھ، اختر ڀنڊ، گلشير ڀنڊ، خادم حسين سنگراهه، آصف علي ڀنڊ،  قربان ڀنڊ، قادر بخش ڀنڊ، غلام قادر ڀنڊ ۽ مور ڀنڊ شامل آھن، ڌرين ۾ جھيڙي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا،  اطلاع تي پوليس ۽ وارثن مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي  اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان ڀنڊ برادري جي خميسو خان ڀنڊ، حاجي ڀنڊ، زمان سنگراھ، شفيع محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي زمينن ۾ سرنهن جو فصل زرداري برادري جي  ماڻهن  پاران پوليس جي سرپرستي ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي روڪڻ تان اسان تي فائرنگ ڪئي وئي، هنن چيو ته معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي، پوليس کي مداخلت کان عدالت روڪيو آهي، 24 فيبروري تي هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي رکيل آهي، جنهن ۾ پوليس کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ٿيل آهي، ان باوجود پوليس بااثر ماڻهن سان ونگار وھڻ بند نه ڪئي، جنهن ڪري ايتريون جانيون ضايع ٿيون آهن، هوڏانهن زرداري ڌر جي محسن زرداري ٻڌايو ته پوليس جو ۽ ڀنڊ برادري جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو آھي، اسان جو جھيڙي سان ڪو تعلق ناهي، اسان جي زمين تي پوليس ويٺل هئي، جتي جھيڙو ٿيو، جڏهن ته شھيد بينظير آباد جي ايس ايس پي ڪيپٽن امير سعود مگسي ٻڌايو ته زمين جي مالڪي تڪرار تان زرداري ۽ ڀنڊ برادري جي ڌرين ۾ فصل جي ڪٽائي تان جھيڙو ٿيو، ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ اسان جو جوان مرزا پور پوليس چيڪ پوسٽ جو انچارج عبدالحميد کوسو شھيد ٿي ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.