ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته وزيراعظم پاران ڪارڪردگي جي بنياد تي وفاقي وزيرن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارو عمل ناٽڪ ثابت ٿيندو، سنڌ حڪومت  پاران 2017 ع ۾ پنهنجي حصي جا 7 ارب ادا ڪرڻ باوجود پھرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هڪ وزير ( مراد سعيد ) ڄامشوري کان سيوھڻ تائين 14 ارب رپين وارو روڊ ٺاهڻ ۾ ناڪام رھيو آھي. وفاقي حڪومت بنيادي شين جي اگھن ۾ واڌ ڪري غريب عوام کي دال ماني کان محروم ڪري ڇڏيو آھي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪئي ويندي، ڪالهه ايس آءِ يو ٽي ۾ پاڪستان جي پھرين سينٽر آف ايڪسيلنس ان روبوٽڪ سرجري اينڊ ٽريننگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ھن صدي ۾ روبوٽ جي مدد سان سرجري ۾ جدت آئي آھي جسم جي ننڍين هنڌن ۾ جتي سرجن جا ھٿ  پھچي نٿاسگھن ۽ اکيون نٿيون ڏسي سگھن اتي روبوٽڪ ھٿ سولائيءَ سان پھچي وڃن ٿا. هن چيو ته روبوٽڪ سرجري جا يورولاجي، ڪولوريڪٽل، ھيپاٽوبيليري، فارگيٽ سرجري ۽ گائنا ڪولاجيڪل سرجري وارن شعبن ۾ وڏا فائدا ٿيندا. هن چيو ته چيو تھ روبوٽڪ سرجري سور گھٽ ٿيڻ، رت گھٽ وھڻ ۽ جلد صحتيابي ممڪن آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سرجاري ڪرايل مريضن کي ڪجھه ڏينھن اندر فارغ ڪيو ويندو آھي ۽ اھي باقاعدگيءَ سان ٻيھر سرگرميون شروع ڪري سگھن ٿا.