اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ  (ن) جي صدر شهباز شريف بجلي جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪندي چيو چيو آهي ته عمران نيازي مهانگائي ڪري عوام کان زندگي کسڻ بجاءِ استعيفا  ڏئي، 4 سالن ۾ ثابت ٿي ويو ته حڪومت وٽ صرف مهانگائي ۽ ڪرپشن جو پلان آهي، هن حڪومت کان نجات حاصل ڪرڻ سان ئي عوام کي رليف ملندو، بي اعتمادي رٿ سان حڪومت مان نجات ڏيارينداسين، پي ڊي ايم  جي ترجمان حافظ حمد الله بجلي جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙي واڌ آءِ ايم ايف جي حڪمن تحت ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ عمران اينڊ ڪمپني جي نه پر آءِ ايم ايف جي حڪومت آهي، پي ڊي ايم عدم اعتماد جي تحريڪ ۽ لانگ مارچ ذريعي قوم کي هن عذاب مان نجات ڏياريندي، پيپلزپارٽي جي نائب صدر شيري رحمان بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي سان 290 ارب رپيا عوام کان وصول ڪيا ويندا، گذريل ٽن سالن ۾ هن حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ 52 سيڪڙو اضافو ڪيوآهي.