ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزيانگار سليم صافي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته عمران خان شهباز شريف جيان  جهانگير ترين کي به جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سليم صافي چيو ته نواز ليگ ۾ هن وقت هڪ اطمينان جي ڪيفيت نظر اچي رهي آهي ۽ ميان نواز شريف به گھڻي حد تائين مطمئن نظر اچي رهيو آهي ته ايمپائر نيوٽرل رهندو، آصف زرداري جو حال اهو آهي ته هو اطمينان جو سمنڊ بڻيل آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان به وڏي حد تائين مطمئن نظر اچي رهيو آهي. سيلم صافي چيو ته عمران خان شهباز شريف جيان جهانگير ترين کي پٽ سميت جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿو پر هو ٻاهر گھمي رهيو آهي ۽ هن جو جهاز به هيڏانهن هوڏانهن گھمي رهيو آهي، هن ڀيري جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، گھڻي رازداري سان ٿي رهيو آهي ايتري حد تائين جو جيڪي به معاملا آهن اهي پنهنجي ويجهي ساٿي سان به شيئر نه پيا ڪيا وڃن ڇو جو بي اعمادي جي رٿ مذاق ناهي هوندي ان ۾ گھڻي جوڙ توڙ هوندي آهي، معاملن کي سنڀالڻو پوندو آهي.