اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ۽ صوبائي  ادارن پاران 2 لک 38 هزار شڪايتون حل ڪرڻ واري دعويٰ کي شهرين غلط قرار ڏئي وزيراعظم سٽيزن پورٽيل تي شڪايتون حل نه ٿيڻ جا انبار لڳائي ڇڏيا، وزيراعظم عمران خان شهرين جي شڪايتن تي وڏو فيصلو ڪندي گذريل سال وزيراعظم پورٽيل ذريعي شڪايتون ڪندڙ 15 لک شهرين جي شڪايتن مان 2 لک 38 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  وزيراعظم آفيس مان پڌرائي ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم شهرين جي شڪايتن تي حل ٿيل 2 لک 38 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏيندي شڪايتن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي اماڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، صوبائي سطح تي اهڙين درخواستن تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل صوبي جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪندو، وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جو وفاقي سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني ڪرڻ جو ذميوار هوندو، وزيراعظم وفاقي ادارن کي هڪ لک 7 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن کي موڪليون ويون آهن، خيبر پختونخوا جي ماتحت ادارن کي 27 هزار شڪايتون ٻيهر کولڻ هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ صوبي کي 15 هزار، بلوچستان صوبي کي 3 هزار، آزاد ڪشمير حڪومت کي 1100۽ گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گيس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، شڪايتن تي نظرثاني ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.