لاهور (م ڊ) ترميمي آرڊيننس ماضي جي  سمورن ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي لاڳو ٿيندو، لاهور جي احتساب عدالت صاف پاڻي ڪمپني جي ريفرنس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته صاف پاڻي واري ڪمپني پاران قانون جي ڪا به ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي، نه ئي ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر جوابدار جو مالي فائدو ثابت ٿيو آهي، تنهن ڪري ريفرنس ۾ 16جوابدارن کي بري ڪيو پيو وڃي. فيصلي موجب اشتهاري هجڻ جي بنياد تي شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي جو ٽرائل سندن گرفتاري بعد ٿيندو. لاهور جي احتساب عدالت جي جج ساجد علي پاران مسلم ليگ ن جي اڳواڻ انجنيئر قمرالاسلام رجا سوڌو 16 جوابدارن کي صاف پاڻي واري ڪمپني ريفرنس ۾ بريت جو لکت وارو فيصلو جاري ڪيو ويو. فيصلي ۾ نيب ترميمي آرڊيننس جو لاڳو ماضي کان ڪرڻ جو قانوني نقطو به طي ڪئي ويو. عدالت اقرار ڏنو ته نيب آرڊيننس ۾ ٻي ۽ ٽئين ترميم سمورن ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي لاڳو ٿيندي، صاف پاڻي واري ڪمپني جي ريفرنس ۾ ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر جوابدار جو مالي فائدو ثابت ناهي ٿيو، تنهن لاءِ انهن تي نيب آرڊيننس تحت ڏوهه لاڳو نٿو ٿئي، نه ئي جوابدارن کي نيب آرڊيننس جي قلمن تحت سزا ڏئي سگھجي ٿي. عدالت قرار ڏنو ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽس ۾ ڏوهه جي نيت ثابت نه ٿي ته ڏوهه عمل ۾ ناهي ايندو، جوابدارن خلاف صاف پاڻي واري ڪمپني جي ٺيڪي ڏيڻ ۾ ڪا ڀڃڪڙي ناهي ڏٺي وئي، صاف پاڻي واري ڪمپني کي واٽر فلٽريشن پلانٽس لاءِ ڏنل هڪ ارب 14ڪروڙ جي ٻولي کي 98 ڪروڙ ڪرڻ سان ڪو نقصان ناهي ٿيو.